ٽنڊو جان محمد

ٽنڊو جان محمد: ضلعي ميرپورخاص جو هڪ شهر، هن شهر جو نالو، شهر جي باني مير جان محمد خان ٽالپر جي نالي پٺيان، ٽنڊو جان محمد رکيل آهي. هي شهر ميرپورخاص کان 46 ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف آهي. هتي چانورن ڇڙهڻ، اٽي پيهڻ ۽ ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا آهن. هتي تعليمي ادارن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول قابل ذڪر آهن، جيڪي مير خدا بخش خان ٽالپر جي جدوجهد ۽ قربانيءَ جا روشن يادگار آهن. هتان جي آبادي ويهه هزارن کان مٿي آهي. هتي جو اُستاد غلام محمد خان ٽالپر ناميارو تعليم دان ۽ اديب آهي.


لفظ ٽنڊو جان محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو